اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻارن تي زور ??نو آهي ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي اصولن تي عمل پيرا ڪندي هر شعبي ۾ علم ۽ صلاحيتن جو مظاهرو ڪن ۽ پنهنج?? ملڪ کي عروج تي پهچائين، عظيم ملڪ مضبوط ۽ منظم قومن پنهنجي محنت، عزم ۽ خلوص سان تعمير ڪيا، پاڪستان قائد جي امانت آهي ۽ هاڻي نوجوان نسل جي ذميداري آهي ته هو ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ يوم قائد جي مناسبت سان ”قائد ۽ ٻار“ جي عنوان سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، صدر ٻارن کي تاڪيد ڪئي ته هو قائداعظم محمد علي جناح جي زندگي جو مطالعو ڪن ته ڪهڙي طرح هن پاڪستان جي قيام ل??ءِ بي لوث محنت ڪئي، هن چيو ته صرف اهڙ?? بلند ڪردار ۽ مضبوط عزم رک??دڙ شخصيت ئي اها ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿي جنهن کي هر ڪوئي ناممڪن سمجهندو هو. صدر والدين ۽ استادن تي زور ??نو ته هو نوجوان نسل جي شروعاتي عمر کان ئي مضبوط ڪردار سازي ۾ مدد ۽ رهنمائي ڪن ته جيئن هو مستقبل جا بهترين اڳواڻ ثابت ٿي سگهن.