اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، برطانوي ڪ??پن??ون پاڪستان جي سيڙپڪار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان برطانيه ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر معظم خان ملاقات ڪئي آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ه??ي ٿيندڙ ملاقات جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نامزد هاءِ ڪمشنر ٻنهي ملڪن جي ٻه ط??في لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري، هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ برطانوي ڪ??پن??ن کي پاڪستان جي سيڙپڪاري دوست ماحول طرف متوجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن برطانوي سيڙپڪار دستياب موقعن مان فائدو کڻي سگهن.