اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت جي ترجيح ڪاروباري سرگرمين جو فروغ ۽ انهن کي ممڪن حد تائين مراعتون ڏيڻ سان گڏوگڏ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ ڪاروبار جي لاءِ موافق فضا ميسر ڪرڻ آهي، ڪاروبار سان جڙيل نوجوانن کي سهولتون ف??اهم ڪيون وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي مخ??لف شعبن سان تعلق رکندڙ ڪامياب ڪاروباري شخصيتن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشر??ات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، صن??ت وارو وزير حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي وارو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ، اداره جاتي سڌارن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف بخاري به شريڪ هو.