اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوامي جمهوريه بنگلاديش جي ??زيراعظم شيخ حسينه واجد کي ٽيلي فون ڪئي ۽ ساڻس بنگلاديش ۾ ڪورونا وائرس سبب ٿيندڙ فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ وائرس جي ??کيڙ روڪڻ جي ??اءِ بنگلاديش جي حڪومت طرفان کنيل قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي ڪووڊ 19 س??ب پيدا ٿيندڙ چئلينجز جي ??اءِ پنهنجي ??نهنجي ??لڪن ۾ کنيل قدمن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان شيخ حسينه واجد کي پنهنجي حڪومت طرفان عوام جون زندگيون ۽ معاش جو ذريعو بچائڻ جي ??اءِ کنيل قدمن جي باري ۾ ٻڌايو. هن بنگلاديش جي ??زيراعظم کي اسرندڙ ملڪن جا قرض معاف ڪرڻ جي حوالي سان عالمي سطح تي شروع ڪيل پنهنجي ??دمن ۽ ڳالهين کان به آگاهه ڪيو. وزيراعظم بنگلاديش ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن تي به افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ ان قدرتي آفت سبب متاثر ٿيندڙن جي جلد بحالي لا??ِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ??چ ۾ ويجهي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ ٻه طرفي رابطن ۽ عوام جي سطح تي وفدن جي ??ٽاسٽا تي زور ڏنو، وزيراعظم عمران خان سارڪ سان پاڪستان جي ڪمٽمينٽ جو اعلان ڪندي پائيدار امن ۽ خوشحالي جي ??اءِ علائقائي تعاون وڌائڻ جي سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو.