اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان برطانيا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ڪورونا جي آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ برطانوي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪ??يون ٿا، ڪورونا پ??ري دنيا جي معيشتن کي متاثر ڪيو، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ملڪ ۾ ڪورونا جي خلاف ٺوس ڪوششن جو مرڪز آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪ??سچن ٽرنر سان ملا??ات دوران ڪيو.