اسلام آباد – 07 م??ي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ نائجيريا جي صدر محمد بوباري ٽيليفون تي ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ سماجي ۽ اقتصادي چئلينجن سميت گڏيل دلچسپي جي ??عا??لن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ??يڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ نائجيريا کي هڪ جهڙيون حالتون درپيش آهن. وزيراعظم ??ائجيريا جي حڪومت ۽ عوام س??ن پاڪستان پاران يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ ان جي موثر قدمن کي ساراهيو.