اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف بلوچستان صوبي ۽ خيبرپختونخواهه صوبي ۾ وڏين برساتن سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي وڏي افسوس ۽ ڏک جو ??ظهار ڪندي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون تيز ??رڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون تيز ??رڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومتن سان گڏ بيٺل آهي ۽ امدادي ڪاررواين ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن هدايت ڪئي ته متاثرين تائين امداد جي فراهمي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي. وزيراعظم برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري بند رستا کولڻ جو ڪم تيز ??رڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم برساتن جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي پونئيرن سان تعزيت جو ??ظهار ڪيو. هن برساتن جي نتيجي ۾ پيش ايندڙ مختلف حادثن ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.