اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيه?? وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايڪنڪ جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاق?? وزير احسن ??قب??ل، ناڻي واري وفاق?? وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، صوبائ?? وزيرن ۽ وفاقي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ڪميٽي اٽڪل 217 ارب رپين جي لاڳت سان 7 ترقياتي منصوبن تي غور ڪيو ۽ انهن جي منظوري ڏني. ڪميٽي سنڌ ايمرجنسي فلڊ بحالي پراجيڪٽ جي آبپاشي نظام جي دائره ڪار ۾ اضافي جي منظوري ڏني. اجلاس سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبن ۾ ا??ندڙ ڪاريڪ ڪورڊور روڊ انفراسٽرڪچر پراجيڪٽ تي نظرثاني جي پڻ منظوري ڏني. ڪميٽي 25.4 ارب رپين جي لاڳت سان ڪراچي واٽر سپلاءِ اينڊ سيوريج امپروومنٽ پراجيڪٽ جي نظرثاني ٿيل منصوبي ?? پنجاب جي اسڪولن ۾ حاضري ۽ سکڻ جي نتيجن کي بهتر بڻائڻ جي مقصد سان ورلڊ بئنڪ جي فنڊيڊ پراجيڪٽ گريڊز جي پڻ منظوري ڏني.