اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ??نٽرنيشنل ايئر لائين (پي آءِ اي) يورپي سول ايوي ايشن جي ڪليئرنس جي چئن سالن کانپوءِ جمعو 10 جنوري 2025ع تي پئرس لاءِ اڏامن جي ٻيهر شروعات ڪندي جنهن لاءِ تياريون مڪمل ڪيو?? ويون آهن. پي آءِ اي ترجمان ??رفان ??اري ڪيل بيان موجب 4 سالن کانپوءِ انهن اڏامن جي شروعات ٿيڻ وڃي رهي آهي، قومي ايئر لائين پي آءِ اي اسلام آباد کان پئرس هفتيوار 2 ڏامون جمعي ۽ آچر تي هلائيندي، ان ??وٽ تي اڏامن جي شروعات سان پي آءِ اي جي يورپ لاءِ اڏامن جي شروعات ٿي ويندي ۽ آهستي آهستي اڏامون وڌايو?? وينديون. پي آءِ اي ترجمان موجب اسلام آباد کان اڏام صبح ساڍا 11 وڳي رواني ٿيندي. پئرس کان واپسي اڏام شام 6 وڳي ٿيندي. ترجمان چيو ته شيڊ??ل جي سهولت اهڙي آهي جو مسافر ناشتو پاڪستان ۾ ۽ ٻنپهرن جي ماني پئرس ۾ کائيندا.