اسلام آباد- 07 جنوري (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه قومي ترقيءَ لاءِ سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي جي ??ڪمل صلاحيت کي کولڻ لاءِ پاڪستان جي ??اليسين کي عالمي معيارن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. آءِ ٽي وزارت مان جاري بيان موجب اسٽار لنڪ ۽ ايل اي او سيٽلائيٽ لائسنسنگ جي حوالي سان مملڪتي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ لو ارٿ آربٽ سيٽلائٽس لاءِ اسٽار لنڪ جي ??ائسنسنگ ۽ ريگيوليٽري فريم ورڪ تي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ آءِ ٽي وارو سيڪريٽري ضرار هاشم خان، اسپيشل سيڪريٽري اظفر منظور، چيئرمين پاڪستان اسپيس ايڪٽيوٽي ريگيوليٽري بورڊ عامر سرفراز احمد، چيئرمين اسپارڪو محمد يوسف خان، چيئرمين پي ٽي اي ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان، ٽيليڪام جي ??يمبر جهانزي?? رحيم ۽ اهم ڌُرين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اهو فيصلو ڪيو ويو ته ضابطن لاءِ ڪنسلٽنٽ جي ڀرتي ڪجهه هفتن ۾ مڪمل ڪئي ويندي. اجلاس ۾ لو ارٿ آربٽ سيٽلائٽس لاءِ هڪ مضبوط ريگيوليٽري فريم ورڪ کي يقيني بڻائڻ، ڪنيڪٽيوٽي کي و??ائ?? ۽ فني جدت ??ي اڳيان و??ائ?? بابت ڳالهيون ڪيون ويون.