لاڙڪاڻو – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ??صف علي زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 17هين ورسيءَ جي موقعي ت?? ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ سندس مزار تي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي ۽ گل چاڙهيا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ??صف علي زرداري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزا??ن تي پڻ گل چاڙهيا. صدر ڀٽو خاندان جي شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي ۽ شهيدن ??ي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.