اسلام ??باد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن جي وفاقي وزير محسن نقوي سان تحريڪ انصاف پارليمنٽيرين جي باني پرويز خٽڪ ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي معاملن، ملڪ جي مجموعي صورتحال سميت ٻين گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرويز خٽڪ اسلام ??باد ۾ احتجاج دوران شرپسندن جي حملي ۾ شهيد پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ خيبرپختونخوا ۾ امن امان قائم ڪرڻ بابت قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان جي ترقي ۾ رڪاوٽون وجهندڙ عنصرن جو ڀرپور مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گهرو وزير چيو ته پاڪستان اسان سڀني جو آهي ۽ سڀني کي گڏجي ان کي اڳتي کڻي وڃڻو آهي، عوام ??ڳو پنهنجن مسئلن جو حل چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل شاندار آهي، دنيا جي ڪا طاقت ترقي کان روڪي ن??ي سگهي.