اسلام آباد-06 ڊسمبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان انساني حقن بابت ميٽا جي گلوبل هيڊ ميرينڊا سيسنز ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڊجيٽل چائلڊ سيفٽي، آن لا??ن خدشا ۽ انساني حقن کي هٿي ڏيڻ با??ت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزارت مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ ”ٽيڪ اٽ ڊائون“ قدمن جي ڪاميابي کي اجاگر ڪيو ويو. جيڪا انساني حقن واري وزارت جي ڀائيواريءَ سان شروع ڪئي وئي هئي. اهي قدم غير اخلاقي ?? نقصان ڏيندڙ مواد کي محفوظ طريقي سان هٽائڻ ذريعي ٻارن کي آن لا??ن استحصال کان بچائڻ لا??ِ تيار ڪيا ويا آهن. ان پليٽ فارم ج?? اردو ويزن جي شروعات کان ان جي رسائي کي وڌيڪ وسيع ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن پاڪستان جي نوجوانن کي فائدو رسي. وفاقي وزير ٻارن جي حقن جي تحفظ لا??ِ وزارت جي مستقل عزم تي زور ڀريو ۽ سائبر بلنگ ۽ آن لا??ن استحصال بابت شعور پيدا ڪرڻ لا??ِ ڊجيٽل تعليمي مهم ۽ عوامي آگاهي وارن پروگرامن جهڙا قدم نمايان آهن. اهي قدم ٻارن جي حفاظت کي يقيني بنائڻ ۽ ڪٽنبن کي ڊجيٽل دنيا ۾ محفوظ طريقي سان رستو ڳولڻ لا??ِ قابل بنائڻ لا??ِ ضروري آهن. ٻنهي ڌُرين ڊجيٽل قانونن جي مطابقت کي ميڪانزم ج?? ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته جيئن انساني حقن جي معيارن مطابق پاليسيون جوڙي سگهجن، آن لا??ن نقصانن ۽ انتهاپسندي جو مقابلو ڪري سگهجي ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمز کي پاڪستان جي ثقافتي ۽ مذهبي قدرن جي حساسيت جي روشنيءَ ۾ رکي سگهجي. وفاقي وزير ميٽا ۽ مختلف وزارتن خاص طور تي آءِ ٽي وزارت ۽ گهرو وزارت وچ ۾ تعاون جي اهميت کي اجاگر ڪيو ته جيئن انساني حقن جي ڊجيٽل شعبي ۾ محفوظ رکڻ لا??ِ اثرائتيون پاليسيون لاڳو ڪري سگهجن. ميرينڊ اسيسنز آن لا??ن پليٽ فارم تي خطرن جي انتظام ج?? چئلينجن کي تسليم ڪيو ۽ وزارت سان ڊگهي مُدي وارن حل طلب مسئلن تي ويجهي سهڪار لا??ِ ميٽا جي عزم ج?? ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ اليڪٽرانڪ ڏوهن جي روڪٿام ج?? ايڪٽ 2016ع پيڪا کي مضبوط بنائڻ تي به روشني وڌئي ته جيئن ڊجيٽل گورننس جي ڍانچي کي بهتر بڻائي سگهجي ۽ آئيني آزادين جو تحفظ ڪري سگهجي.