راولپنڊي-05 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي اڳوڻي سربراهه ايڊمرل ??سطور الحق ملڪ کي لاهور ۾ فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ هٿياربند فوج جي رٽائرڊ ۽ حاضر سروس آفيسرن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. صدر، وزيراعظم، چيئرمين جو??ئن?? چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، هٿياربند فوج جي سربراهن ۽ نيوي جي آفيسرن ۽ جوانن پاران ايڊمرل ??سطور الحق ملڪ جي قبر تي گل رکيا ويا. آءِ ايس پي آر موجب ايڊمرل ??سطور الحق ملڪ 1954ع ۾ نيوي ۾ ڪميش?? حاصل ڪئي، هن 1965ع ۽ 1971ع وارين پاڪ – ڀارت جنگين ۾ حصو ورتو. مرحوم 1988ع کان 1991ع تائين پاڪ بحريه جو سربراهه رهيو. مرحوم نيول چيف بطور ڪمانڊر پاڪستان فليٽ، وائيس چيف آف دي نيول اسٽاف ۽ چيئرمين پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جا به فرض سرانجام ڏنا.