اسلام آباد-02 ڊسمبر (اي پي ??ي)پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ معذور ماڻهن جو عالمي ڏينهن 3 ڊسمبر تي مل??ايو ويندو. پاڪستان اسٽوڊنٽس اولمپڪ ايسو سي ايشن جي صدر مقبول آرائين ٻڌايو ته معذور ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان سڄي پاڪستان ۾ معذور ماڻهن جي تنظيمن جي انتظام هيٺ معذور ماڻهن جي نمائشي راندين جا مقابلا منعقد ٿيندا. انهن مقابلن ۾ معذور ماڻهن کي همٿايو ويندو ڇو ته اهي به اسان جي معاشري جو حصو آهن.