اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ذيلي ڪميٽي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پيمرا کي ??دا??ت ڪئي آهي ته سمورن ميڊيا هائوسز ۾ حڪومت جي مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ پگهار 37 هزار 500 رپين جي ادائيگي ۽ نائون ويڄ ايوارڊ فوري طور تي لاڳو ڪرايو وڃي، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي پگهارن جي ادائيگي ۾ دير ڪندڙ اخبارن ۽ ٽي وي چينلز جي فهرست جوڙي انهن جي اشتهارن جي بندش سميت سمورا گهربل قدم کنيا وڃن، ميڊيا هائوسز ۾ ٿرڊ پارٽي ڪان??ري??ٽ سسٽم جي خاتمي لاءِ فوري قدمن ۽ آءِ ٽي اين ا?? جي ميمبرن جو انگ 5 ڪرڻ جي لاءِ فوري عمل ڪيو وڃي. اها ??دا??ت چيئرمين سيد امين ا??حق پارليامينٽ هائوس ۾ ذيلي ڪميٽي جي اهم اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪئي. سيد امين ا??حق ڊمي اخبارن جي حوالي سان شڪايتن ۽ پي بي اي جي رهتن جي ادائيگي جي لاءِ پاليسي موجب قدم کڻڻ جي پڻ ??دا??ت ڪئي. اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبر، اسيمبلي ميمبر سحر ڪامران، مولانا عبدالغفور حيدري ۽ معظم علي خان شريڪ هئا جڏهن ته ان موقعي تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس پاران جي ايم جمالي، افضل بٽ، ناصر زيدي، آل پاڪستان نيوز پيپرز اين?? اليڪٽرانڪ ميڊيا ايمپلائيز ڪنفيڊريشن جو محمد صديق نظر، نيشنل پريس ڪلب جو اظهر جتوئي، پارليامينٽ رپورٽرز ايسوسيئيشن جو ع??ما?? خان، راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس جو شڪيل خان، طارق ورڪ، پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن جو نمائندو باسط رياض شيخ، اي پي اين ا??س ۽ سي پي اين ا?? جا نمائندا پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري، پيمرا چيئرمين، آءِ ٽي اين ا?? چيئرمين ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر ڪميٽي کي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي شڪايتن جي ازالي ۽ پگهارن جي ادائيگي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ڪميٽي جي چيئرمين سيد امين ا??حق ڪميٽي ميمبرن جي سوالن تي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پيمرا کي ??دا??ت ڪئي ته جوابن کي لکت طور ڪميٽي جي ميمبرن ڏانهن موڪليو وڃي. اجلاس ۾ صحافتي تنظيمن ۽ ايپنڪ پاران صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي درپيش مسئلن، پگهارن جي عدم ادائيگي، اي او بي آءِ ۾ رجسٽريشن نه ٿيڻ، ڪان??ري??ٽ مسئلن، ميڊيڪل ۽ لائيف انشورنس نه ڏيڻ ۽ پنجاب سميت ٻين صوبن ۾ وفاق وانگر ميڊيا ورڪرز جي لاءِ پڻ پلاٽن ۾ 50 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي تجويزن کان آگاهه ڪيو ويو جڏهن ته پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن جي نمائندي ڪميٽي کي يقين ڏياريو ته سمورا ميڊيا هائوسز وقت سر پگهارن جي ادائيگي ڪري رهيا آهن جڏهن ته جيڪڏهن ڪي شڪايتون آهن ته پي بي اي شڪايتن جو فوري ازالو ڪندي.