اسلام آباد- 30 نومبر (اي پي پي) ملائيشيا جي و??يراعظم انور ابراهيم چيو آهي ته پاڪستان جي و??يراعظم محمد شهباز شريف سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ هن ملائيشيا ۾ بدترين ٻوڏ س??ب ٿيل نقصانن تي همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي، مان سندس اه??ي جذبي جو ٿورائتو آهيان ۽ کيس ملائيشيا جي دوري جي دعوت پڻ ڏني آهي. گذريل ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ م??ائيشيا جي و??يراعظم چيو ته وزيراعظم شهباز شريف فون ڪال دوران متاثر ٿيل اٽڪل هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ ملائيشيا جي شهرين جي بهتري لاءِ دعا ڪئي ۽ ٻنهي قومن جي دوستي ۽ تعاون جي جذبي تحت امداد جي فراهمي جو ارادو ظاهر ڪيو. هن چيو ته مان سندس اه??ي فراخدلي تي سندس ٿورا مڃيندي کيس ايندڙ سال جي شروع ۾ م??ائيشيا جي دوري جي دعوت ڏني آهي.