اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته اسپين جي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت ??ميٽي جي هڪ اعليٰ سطح جي پارلياماني وفد 13 کان 19 نومبر تائين پاڪستان جو دورو ڪيو. اها ڳالهه هن پريس بريفنگ ۾ چئي. ترجمان چ??و ته اسپين جي وفد قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ م??مد ا??مد خان ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ ڌرين ويجهي ٻطرفي لاڳاپن جي توثيق ڪئي ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ سياحت کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ترجمان چ??و ته ڌرين تعليم، زراعت، قابل تجديد توانائي، موسمياتي تبديلي، ڊيزاسٽر رسڪ مئنيجمينٽ ۽ آلودگي تي ضابطو آڻڻ ۾ تعاون کي وڌائڻ سميت ٻطرفن لاڳاپن ۽ عو??م سان عوام جي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ پارلياماني مصروفيتن جي مثبت ??ردار کي نوٽ ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پارلياماني مٽاسٽا ۽ تعاون کي جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.