اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ڊجيٽل ڊائلاگ پاڪستان جامع?? شفاف ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل گورننس طرف هڪ اهم قدم آهي، انهن قدمن ??ان پاليسي ۽ فيصله سازي ۾ عوام جي راءِ ۽ تجويزن جي شموليت يقيني بنائڻ ۾ مدد ملندي. اهڙو اظهار هن ڪالهه ”ڊجيٽل ڊائلاگ پاڪستان“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ”ڊجيٽل ڊائلاگ پاڪستان“ جي تقريب ۾ شرڪت تي خوشي آهي، اها شموليت طرف ا??ان جي سفر ۾ تبديلي?? شفافيت ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل نظم و نسق طرف هڪ قدم آهي. پبلڪ پرائيويٽ ڊائلاگ نظم ۽ نسق ۾ طويل عرصي ??ان فائدي وارا رهيا آهن پر ا??ان جو موجوده طريقيڪار ان تي پورو ناهي لٿو. انهن ۾ وسيلن ۽ شموليت جي کوٽ آهي ۽ اهو ايڊهاڪ ازم تي ٻَڌل آهي. ”ڊجيٽل ڊائلاگ پاڪستان“ ??ان ا??ان صرف انهن چئلينجن کي مُنهن ڏئي سهگون ٿا پر ا??ان ملڪي ترقي لاءِ حڪومت ۽ شهرين جي شموليت، ان وچ ۾ سهڪار ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته ا??ان قومي پبلڪ پرائيويٽ ڊائلاگ فريم ورڪ 2022ع ۾ تيار ڪيو، ان ۾ شموليت?? شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڍانچه جاتي سڌارن، اداره جاتي هم آهنگي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال تي زور ڏنو آهي. هن چيو ته تخليقي مصنوعي ذهانت ۽ لارج لينگوئج ماڊلز جو استعمال، ان پ??يٽ فارم تي درست رهنمائي فراهم ڪري ٿو ۽ ثبوت تي ٻَڌل پاليسي سازيءَ کي فعال ڪري ٿو. ان ??ان ڪارڪردگي ۽ شفافيت يقيني بنائن ۾ مدد ملندي. ان ۾ مڪمل رڪارڊ رکڻ جي صلاحيت موجود آهي. شفافيت ۽ اعتماد پيدا ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل ڊائلاگ پاڪستان پ??هنجي صلاحيت کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي. سميڊا جي سڄي ملڪ ۾ ڪاروباري عورتن جي مدد لاءِ ڪاروباري پاليسي تمام اهم آهي. صنعت ۽ پيداوار نئين انرجي وهيڪل پاليسي ذريعي جٽادار ۽ جدت لاءِ هڪ پاليسي فريم ورڪ جوڙيو آهي. انهن منصوبن جي نتيجن ??ان ثابت ٿئي ٿو ته ٽيڪنالاجي ڪهڙي طرح تبديل ڪري سگهجي ٿي. اهو پليٽ فارم ا??ان کي جامع ۽ اثرائتي پاليسي سازي ۽ سيڙپڪاري ۾ مدد فراهم ڪندو. ان تي عملدرآمد خاص طور تي ايف سي ڊي او جي مالي حمايت ??ان ريونيو موبلائزيشن انويسٽمينٽ اينڊ ٽريڊ پروگرام ۽ فني مهارت ا??ان جي ڀائيوارن جي تعاون کانسواءِ ممڪن ناهي. ا??ان ٽيڪنالاجي کي مضبوط بنائڻ لاءِ هڪ معيار قائم ڪيو آهي. سٺي حڪمراني لاءِ اهو پليٽ فارم ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿو ته شهرين جي ڳالهه ٻُڌي وڃي ۽ ان تي عمل ڪيو وڃي. حڪومت جامع ۽ شفاف گورننس لاءِ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ لاءِ پُرعزم آهي. اچو ته ا??ان گڏجي ان ڊجيٽل دؤر کي اختيار ڪريون، وڌيڪ ڀائيواري جمهوريت بڻايون ۽ اهڙيون پاليسيون بڻايون جيڪي پاڪستان جي عوام جي حقيقي امنگن جي عڪاسي ڪندڙ هجن.