اسلام آباد-07 نومبر (اي پي پي) سنگاپور ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر رابعه شفيق سنگاپور فن ٽيڪ في??ٽيول 2024ع ۾ پاڪستان پويلين جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه هاءِ ڪميشن طرفان جاري بيان موجب افتتاح جي موقعي تي هاءِ ڪمشنر سنگاپور فن ٽيڪ في??ٽيول ۾ ڪيترن ئي پاڪستاني ڪمپنين جي شرڪت جي واکاڻ ڪئي ۽ انهن جي همت افزائي ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جا ڪاروباري ماڻهو ۽ ادارا عالمي حصيداري قائم ڪرڻ ۽ پاڪستان جي وڌندڙ فني مهارت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ ان موقعي مان وڌ کان وڌ فائدو کڻن. هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان جو تيزي سان وڌندڙ ٽيڪ ٽيلينٽ، ايشيائي مارڪيٽن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اسٽر??ٽج?? جاگرافيائي بيهڪ ۽ هڪ سازگار ٽائيم زون رکندڙ اسان جي ملڪ کي سڄي دنيا جي ڪمپنين لاءِ هڪ پرڪشش آءِ ٽي مرڪز بڻائي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جو ڌيان ٽيڪ ڊيسٽي نيشن پاڪستان برانڊ کي ه??ي ڏيڻ تي آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي ٽيڪنالاجي جي شعبي کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي قائم ڪئي وئي آهي. رابعه شفيق ٻڌايو ته هن سال جي في??ٽيول ۾ 10 مک پاڪستاني فن ٽيڪ ڪمپنين جو هڪ وفد شرڪت ڪري رهيو آهي، جيڪو عالمي فن ٽيڪ صنعت ۾ هڪ اهم رانديگر طور پاڪستان جي اڀرندڙ ڪردار کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته سنگاپور فن ٽيڪ في??ٽيول ۾ انهن ڪمپنين جي موجودگي سنگاپور فن ٽيڪ ايڪو سسٽم سان جڙيل هجڻ ۽ عالمي ڊجيٽل معيشت ۾ پنهنجي پوزيشن قائم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جي اجاگر ڪري ٿي. مشهور شرڪت ڪندڙن ۾ پاڪستاني فن ٽيڪ فرم حڪيم ايپ کي سنگاپور جي مانيٽري اٿارٽي طرفان Fintech ايڪسي لينس ايوارڊ“ 2024ع لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. اها باوقار ??ڃا??پ پاڪستان جي فن ٽيڪ سيڪٽر جي وڌندڙ طاقت ۽ جدت جي عڪاسي ڪري ٿو. سنگاپور جو ساليانو فن ٽيڪ في??ٽيول فن ٽيڪ اسپيس ۾ دنيا جي س?? کان وڏي ۽ س?? کان وڌيڪ باا ثر پروگرامن مان هڪ آهي جيڪو اسٽاٽ اپس ۽ قائم ڪمپنين لاءِ هڪ منفرد پليٽ فارم پيش ڪري ٿو ته جيئن هو پنهنجي مختلف شين کي متعارف ڪرائي سگهن ۽ ان شعبي ۾ نوان موقعا ڳولين.