اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف چيو آهي ته روسي اعليٰ قيادت جي تازن دورن سبب پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ وڌيڪ مضبوطي ۽ استحڪام خوش آئنده آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي وسيع صلا??يت موجود آهي، جنهن مان فائدو حاصل ڪري ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي جي هدفن کي حاصل ڪري سگهجي ٿو. ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حمد شهباز شريف اهڙن خيالن جو اظهار روسي فيڊريشن جي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر ويلنٽنيا ميتويانڪو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفد سان گڏ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم روسي وفد جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪئي ۽ ان کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن جي مضبوطي طرف اهم قدم قرار ڏنو. هن چيو ته روسي اعليٰ قيادت جي تازن دورن سبب پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ وڌيڪ مضبوطي ۽ استحڪام خوش آئنده آهي. هن چيو ته روس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي وسيع صلا??يت موجود آهي، جنهن مان فائدو کڻي ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي جي هدفن کي حاصل ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته ڊسمبر 2024ع ۾ ٿيندڙ پاڪستان ۽ روس گڏيل ڪميشن جو اجلاس ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جو اهم موقعو ثابت ٿيندو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ??اپ??ر ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ بئنڪنگ چئلينجن جي مضبوطي ۽ پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ معيشت، ??اپ??ر ۽ سيڙپڪاري جي هڪ جامع روڊ ميپ جي جوڙجڪ تي پڻ ??الهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ??لندڙ سال جي شروع ۾ مواصلات واري وفاقي وزير جي قيادت ۾ 7 رڪني پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن جي وفد جي روس جي دور ۽ پاڪستان روس ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ فورم ۾ شرڪت کي گڏيل ??اپ??ر ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ خوش آئنده قرار ڏنو. هن روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي لاءِ نيڪ خواهشن سان گڏوگڏ ان کي جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت جو پيغام ڏنو.