اسلام آباد -16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته جٽادار تر??ي لا??ِ علائقائي تعاون ۽ رابطن کي هٿي وٺائڻ ضروري آهي، پاڪستان علائقائي تر??ي، استحڪام ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ لا??ِ پرعزم آهي. گذريل ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن واري اجلاس جي شروعات تي پنهنجي افتتاحي تقرير ۾ وزيراعظم چيو ته ايس سي او حڪومتي سربراهن جي ڪانفرنس جي ميزباني پاڪستان لا??ِ اعزاز آهي، اسان پنهنجي معزز مهمانن کي اسلام آباد ۾ خوش آمديد چ??ون ٿا. هن چيو ته ايس سي او ملڪ دنيا جي 40 سيڪڙو آبادي جي نمائندگي ڪن ٿا. هن چيو ته جٽادار تر??ي لا??ِ علائقائي تعاون ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ ضروري آهي، اڄ جو اجلاس علائقائي تعاون لا??ِ اهم موقعو فراهم ڪري رهيو آهي، اسان کي پنهنجي ماڻهن کي بهتر معيار زندگي ۽ سهولتون فراهم ڪرڻيون آهن. معاشي تر??ي، استحڪام ۽ خوشحالي لا??ِ اسان کي گڏجي اڳيان وڌڻو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان اسان کي يقين آهي ته اجلاس ۾ ٿيل نفعو ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون خطي جي عوام لا??ِ ڏور رس ثابت ٿينديون. هن چيو ته اسان عالمي منظرنامي ۾ تبديلي ۽ ارتقا کي منهن ڏئي رهيا آهيون، موجوده صورتحال گڏيل قدمن جي گهرجائو آهي، پاڪستان علائقائي تر??ي، استحڪام ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لا??ِ پرعزم آهي. اسان کي گڏيل ڏاهپ کي ڪتب آڻيندي سياحتي رابطن ۽ ماحول دوست تر??ي جي شعبن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، واپاري رابطن ۾ اضافي لا??ِ ڪوششون به ضروري آهن.