اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قزا??ست??ن جي وزيراعظم اولزاس بيڪ تينوف سان شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي 23هين اجلاس جي موقعي تي لاڀائتي ملاقات ٿي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ملاقات دوران واپار، سيڙپڪاري، ٽرانسپورٽ، مواصلات، زراعت، دفاع، تعليم ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي لاءِ سرڪاري و??دن جي مٽاسٽا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته هن قزا??ست??ن جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني، پاڪستان ۽ قزا??ست??ن جي لاڳاپن جي روشن مستقبل جي لاءِ پراعتماد آهيون.