اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت شنگهائي تعاون تنظيم جي 23هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مه??انن کي ڀليڪار چوڻ جي لاءِ گيت رليز ڪري ڇڏيو. گِيت ۾ پاڪستان جي رنگارنگ ثقافتي ورثي ۽ مه??ان نوازي جي روايت جي هڪ جهلڪ پيش ڪئي وئي آ??ي. ان گيت جي عڪسبندي ۾ پاڪستان جي خوبصورت جاين، تاريخي ?? اهم عمارتن ۽ گهڻ رُخي ثقافت کي وڏي خوبصورتي سان پيش ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ پاڪستان جي ترقي جي لاءِ پاڪستان جي عوام جي محنت، لگن ۽ جذبي کي پڻ تمام خوبصورتي سان اجاگر ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي ناليواري گلوڪار عمير جسوال جي آ??از ۾ نغمو ”خوش آمديد“ جي ٻول ۾ پاڪستان جي ماڻهن جي مه??ان نوازي ۽ ايس سي او ملڪي سربراهن کي ڀليڪار چوڻ جو جذبو سمايل آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ا??يد ظاهر ڪئي آ??ي ته اهو گيت مه??انن کي پاڪستان جي ثقافت کان روشناس ڪرائيندو ۽ ان جي دلين ۾ پاڪستان جي لاءِ محبت پيدا ڪندو.