اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفا??ي وزير محسن نقوي هرنائي ۾ ڪالعدم بي ايل اي خلاف ڪامياب ڳجهي آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج ??حس??ن پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد ۽ سندن سهولتڪار ڌرتي تي بار آهن ۽ قوم جي حمايت سان هن ڌرتي تان دهشتگردن کي ختم ڪنداسين.اربع ڏينهن پنهنجي بيان ۾ وفا??ي وزير محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز کي ڪامياب آپريشن ڪري دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ تي ??بارڪون ڏيان ٿو. سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي بهادر جوانن جي پيشيوراڻين صلاحيتن تي ??از آهي. هن چيو ته دهشتگردن جي خاتمي لا??ِ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ لا??ِ آخري حد تائين وينداسين.