اسلام آباد – 11 – آڪ??وب?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي دڪي جي علائقي ۾ کاڻين جي کوٽائي ڪندڙن تي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪندي واقعي جي ر??ورٽ ط??ب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم مارجي ويلن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي دعا ۽ انهن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم واقعي جي ر??ورٽ ط??ب ڪندي چيو آهي ته هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽڻ لاءِ پرعزم آهيون.