اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس مالم جبا ۽ سوات ۾ پوليس وين ت?? دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آه?? ته آچر ڏ??نهن مالم جبا ۽ سوات جي دوري کانپوءِ اسلام آباد ويندڙ سفارتڪارن جي هڪ گروپ هڪ واقعي جو مشاهدو ڪيو. ترجمان چيو ته ان واقعي ۾ هڪ ايڊوانس ا??ڪا??وٽ پوليس جي گاڏي کي آءِ اي ڊي سان نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا. ترجمان چيو ته سفارتڪارن جو اهو گروپ حفاظت سان اسلام آباد پهچي ويو آه??. ترجمان چيو ته اسان جون همدرديون ان واقع?? ۾ ??هيد ٿيل پوليس اهلڪار ۽ ٽنهي زخمين جي وارثن سان گڏ آه??. هن چيو ته اسان پنهنجي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو احترام ڪريون ٿا جيڪي دهشتگردن آڏو ثابت قدم رهن ٿا. اهڙي طرح جا قدم پاڪستان کي دهشتگردي خلاف جنگ جي عزم کي روڪي نٿا سگهن.