اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي ملڪ جي دفاع لا??ِ جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندڙ پاڪ فوج جي جوانن، شه??دن ۽ ٻين ماڻهن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ و??يراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن آئون پوري قوم سان گڏجي پاڪ فوج جي جوانن، شه??دن ۽ انهن سمورن ماڻهن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن پاڪستان جي دفاع لاءِ بهادري سان جنگ وڙهي. هن چيو ته اچو اڄ جي ڏينهن اسان پنهنجي شه??دن ۽ غازين جي جذبي جي تجديد ڪندي پاڪستان جي دفاع ۽ نئين سر تعمير جي وچن جو ورجاءُ ڪريون ۽ پنهنجي قائد محمد علي جناح جي ويزن موجب محنت ۽ ديانت جي قدرن کي اختيار ڪندي پياري پاڪستان جي روشن مستقبل طرف قدم وڌايون.