اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي 29 ۽ 30 آگسٽ تي ڪيمرون جي ??هر يائونڊي ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 50 هين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪن??و. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل کي غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ اتان جي ??نگين انساني صورتحال، خطي ۾ اسرائيل جي مهم جوئي جيڪا وچ اوڀر ۾ امن جي لاءِ خطرو آهي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي ??ودمختياري جي ??ق بابت پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪن??و. پرڏيهي سيڪريٽري امت جي يڪجهتي ۽ اتحاد جي گهرجن، دنيا جي مختلف حصن ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا ۽ زينو فوبيا، موسمياتي تبديلي، دهشتگردي ۽ ٻين موجوده عالمي چئلينجز جي مسئلن تي پڻ روشني وجهندو. ان موقعي تي پرڏيهي سيڪريٽري او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي پنهنجي هم منصبن سان ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ڪن??و.