راولپنڊي – 13 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جيولين ٿرور گولڊ ميڊلسٽ ارشد ند??م کي اسلام آباد اچڻ تي ڀليڪار چوندي چيو آهي ته ارشد ند??م قومي هيرو آهي، وزيراعظم جي خصوصي ??عوت تي کيس اسلام آباد گهرايو ويو آهي. نور خان ايئربيس تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ارشد ند??م کي خصوصي ??هاز جي ذريعي اسلام آباد آندو ويو آهي، ارشد ند??م سرڪاري مهمان آهي، کيس اسٽيٽ پروٽوڪول ڏنو ويو آهي. هن چيو ته ارشد ند??م سان گڏ سندس فيملي ۽ ڪوچ به موجود آهن. وفاقي وزير چيو ته قومي هيرو جي وفاقي گادي واري شهر اچڻ تي خوشي آهي، اڄ وزيراعظم سندس اعزاز ۾ مانجهاندي جو اهتمام پڻ ڪيو آهي. هن چيو ته 14 آگسٽ جي مرڪزي تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ارشد ند??م گڏجي جهنڊو ڦڙڪائيندا، ارشد ند??م ٻين شهرن ۾ به آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي گولڊ ميڊلسٽ ارشد ند??م چيو ته هو پنهنجي والدين ۽ پوري قوم جو ٿورائتو آهي، قوم جي دعائن سان اڄ وڏي ڪاميابي ملي آهي. هن چيو ته 2012ع ۾ محمد شهباز شريف پنجاب يوٿ فيسٽيول منعقد ڪرايو، پنهنجي پهرين مئچ ان يوٿ فيسٽيول ۾ کيڏي. هن چيو ته ڊپارٽمينٽل اسپورٽس سان رانديگرن جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي، 2015ع ۾ واپڊا ۾ شموليت اختيار ڪئي. هن چيو ته اولمپڪس ۾ ڪاميابي جي لاءِ مون تمام گهڻي محنت ڪئي، اڳتي به ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ محنت ڪندس. هن چيو ته ??نه??جي ڪوچ سلمان بٽ ??نه??جي ڪاميابي جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي، ا??له تعاليٰ گولڊ ميڊل سان نوازيو آهي، پاڪستان جي لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻي آهي ۽ پاڪستان جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪرڻو آهي.