بيجنگ – 15 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين اعليٰ سطحي مٽاسٽا ۽ ٻطرفي مشاورتي طريقيڪار جي ذريعي ٻطرفن لاڳاپن ک?? وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته ٻنهي ملڪن چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ اعليٰ معيار جي ترقي کي اڳت?? وڌائڻ جي عزم جي پڻ تجديد ڪئ?? جنهن ۾ ترقي ۽ روزگار ۽ گرين ڪوريڊور سميت 5 لنگهن تي ڌيان ڏنو ويندو. پر??يهي آفيس جي ترجمان ڪالهه اربع ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پر??يهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ سي پي سي جي مرڪزي ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر ۽ پر??يهي وزير وانگ يي سان چين پاڪستان اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي پنجين دور جي گڏيل صدارت ڪئ??. ٻنهي طرفن ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??. چين پاڪستان ”آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ“ جو ذڪر ڪندي ن??ئب وزيراعظم چين سان لاڳاپن کي پاڪستان جي پر??يهي پالسي جو سنگ بنياد قرار ڏنو. هن ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي ڪري علائقائي امن ۽ سلامتي کي درپيش خطرن کي اجاگر ڪيو ۽ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي چين جي اصولي موقف کي ساراهيو.