راولپنڊي-08 مارچ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته ??لو??ستان جي ڪاميابي پاڪستان جي ڪاميابي آ??ي، ??لو??ستان جي بهادر عوام تي فخر آهي، ??لو??ستان جو بهادر عوام هر ڏکي وقت ۾ ثابت قدم رهيو آهي. پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام سان گڏجي امن ۽ خوشحالي جو سفر جاري رکندا. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ??لو??ستان جي آ??اران ضلعي جو دو??و ڪيو، ڪور ڪمانڊر ??لو??ستان آرمي چيف جي آجيان ڪئي ۽ ان کي سيڪيورٽي صورتحال بابت بريفنگ ڏني. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پنهنجي دو??ي دو??ان شهيدن جي وارثن، مقامي اڳواڻن ۽ آبادگارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. آرمي چيف کي پاڪ فوج جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ ڪيل ڪوششن بابت به آگاهه ڪيو ويو. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ان موقعي تي اڳواڻن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي زراعت جي اهميت ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو لاءِ فوج جي عزم تي زور ڀريو. آرمي چيف شهيدن جي قربانين کي زبردست خراج تحسين پڻ پيش ڪيو. هن چيو ته آبادگارن کي زرعي سهولتون، آسان شرطن تي قرض، ٻج، ڀاڻ فراهم ڪيو ويندو. جڏهن ته سولر ٽيوب ويل ۽ زرعي ماهرن جون خدمتون پڻ فراهم ڪيون وينديون. آبادگارن کي ملڪي ترقي ۾ شراڪتدار بڻائڻ ۽ آبادگاري لاءِ پڻ رهنمائي ڏني ويندي. هن چيو ته ??لو??ستان جي ڪاميابي پاڪستان جي ڪاميابي آ??ي، ??لو??ستان جي بهادر عوام تي فخر آهي. فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام سان گڏجي امن ۽ خوشحالي جو سفر جاري رکندا. پاڪ فوج ??لو??ستان ۾ سول انتظاميه سان گڏجي ترقي ۽ امداد جو عمل جاري رکندي. آرمي چيف ??لو??ستان جي عوام لاءِ هڪ ٻيو ڪيڊٽ ڪاليج بڻائڻ واري عمل جي پڻ تعريف ڪئي. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ڪيڊٽ ڪاليج آواران جو افتتاح ڪيو ۽ ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن سان پڻ مليو، آرمي چيف چيو ته پاڪستاني فوج لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ??لو??ستان ۾ رليف ۽ تعميري سرگرمين کي جاري رکندي.