اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي عملدارن پاران مسلم ڪانفرنس ڄمون ۽ ڪشمير جي بٽ ۽ سمجهي ڌڙن تي پابندي هڻڻ ۽ جماعت اسلامي ڄمون ۽ ڪشمير تي موجوده پابندي کي وڌيڪ 5 سالن تائين وڌائڻ جي فيصلي جي مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چي?? ته ان فيص??ي کانپوءِ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 8 ڪشميري سياسي پارٽين کي غيرقانوني قرار ڏنو و??و آهي. هن چي?? ته انهن سياسي پارٽين جي قيادت ۽ ڪارڪنن کي پڻ ظلم ۽ ڏاڍ درپيش آهي. ترجمان چي?? ته اهي جابراڻا قدم عالمي انساني حقن ۽ انساني حقن جي مڪمل خلاف ورزي ڪندي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اختلاف راءِ ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي دٻائڻ جي ڀارت جي مڪروهه ارادي جي عڪاسي ڪن ٿا. ترجمان چي?? ته ڀارت ڪالعدم ڪشميري پارٽين تان پابنديون فوري هٽائي، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ??ري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي فوري عملدرآمد ڪيو وڃي.