ا??لا?? آباد- 13 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز گهرو سيڪريٽري آفتاب اڪبر دراني سان گڏ نيشنل ڊيٽابيس رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) ۽ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) هيڊ ڪو??رٽ??ز جو دؤرو ڪيو، جتي اعليٰ عملدارن کيس اداره جاتي معاملن تي بريفنگ ڏن??. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق نادرا هيڊ ڪو??رٽ??ز پهچڻ تي نادرا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل منير افسر گهرو وزير جي آجيان ڪئي. نادرا عملدارن طرفان گهرو وزير کي اداري بابت بريفنگ ڏن?? وئي. گهرو وزير چيو ته نادرا انٽرنيشنل اسٽينڊرڊ جو حامل ادارو آهي ۽ اسان ??و اهم قومي اثاثو آهي. گهرو وزير چيو ته شناختي دستاويز کي حاصل ڪرڻ شهرين جو بنيادي حق آ??ي ۽ ان سلسلي ۾ کين هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ايف آءِ اي جي دؤري جي موقعي تي ڊي جي ايف اءِ گهرو وزير جي آجيان ڪئي. ايف آءِ اي عملدارن گهرو وزير کي بريفنگ ڏن??.