اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالح?? ڪاڪڙ جي صدارت ۾ دوست ملڪن خاص طور تي جي سي سي ملڪن سان مختلف شعبن ۾ سيڙ??ڪا??ي ج?? معاهدن تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيرعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي توانائي، لاجسٽڪس، خوراڪ جي تحفظ، پاڻي، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ پاڪستان جي عالم?? معاهدن تي تازي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم سمورين وزارتن کي 5 ڏينهن تائين لاڳاپيل شعبن ۾ عالمي سيڙ??ڪا??ي جي صلاحيت رکندڙ ترقياتي منصوبا قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم سمورين وزارتن کي عالمي سيڙ??ڪا??ي جي لاءِ قابل عمل منصوبن جي لاءِ حڪمت عملي جلد کان جلد خصوصي سيڙ??ڪا??ي سهولت ڪائونسل ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ مواصلات، سامونڊ?? معاملن ۽ ريلويز، قانون ۽ انصاف ۽ ماحولياتي تبديلي، ناڻي، توانائي، خوراڪ جي تحفظ وارن نگران وفاقي وزيرن، ڊپٽي چيئرمين منصوبابندي ڪميشن ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.