اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان توانائي، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري جا وڏا موقعا آڇي ٿو، هُو ڪويتي ڪمپني ??يزٽيڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عبدالله ال موتيري سان ڳالهائي ??هيو هو جنهن اڱاري ڏينهن ساڻس مُلاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ايزٽيڪ جهڙين عالمي ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ۾ توانائي، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري جي لامحدود صلاحيت موجود آهي.