لاه??ر-11 جنوري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقيءَ جو واحد رستو تعليم آهي، پنهنجو ڌيان تعليمي شعبي تي ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خاص مهمان جي حيثيت سان هتي ايوان اقبال ۾ لا??ور ليڊز يونيورسٽي جي ستين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي لا??ور ليڊز يونيورسٽي جي وائيس چانسلر نديم ڀٽي، چيئرمين بورڊ آف گورنرز ميان ظ??ور وٽو سميت فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ڪانووڪيشن ۾ 1080 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون ڏنيون ويون. وفاقي وزير خطاب ڪندي چيو ته مون کي هتي اچي دلي خوشي ٿي آهي، ڪانووڪيشن هڪ يادگار لمحو هوندو آهي، ان ڏينهن شاگرد ۽ شاگردياڻون پنهنجي م??نت جو ثمر ح??صل ڪندا آهن. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي هر نعمت سان نوازيو آهي، نوجوان اسان جو اثاثو آهي، اميد آهي ته هو پنهنجي پيشوراڻيون ذميواريون احسن طريقي سان نڀائيندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽن طريقن سرڪاري، نجي ۽ مدرسن ۾ تعليم ڏني پئي وڃي جيڪو ملڪ ۾ ٽي م??تلف طبقا پيدا ڪندو آهي. مدد علي سنڌي چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح تعليم کي م??يار کي بهتر بنائڻ ۽ اسڪول مان ٻاهر ٻارن کي واپس آڻڻ آهي. هن چيو ته ليڊز يونيورسٽي م??ياري تعليم فراهم ڪري رهي آهي، اهڙن تعليمي ادارن جي سخت ضرورت آهي. آخر ۾ مهمان خاص شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ميڊلز ۽ ڊگريون ورهايون.