اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آه?? ته ڪجهه سياسي پارٽين جي مطالبي تي اليڪشن ڪميشن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ ٻن ڏينهن جو اضافو ڪيو، اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ئي ٿينديون، بلوچ مظ??هر??ن جا مطالبا پراڻا آه??، نگران حڪومت جي پوري ڪوشش هوندي ته اها ان معاملي کي حل ڪري. ”ڊان نيوز“ جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته بلوچ مظ??هر??ن ۾ شامل عورتن ۽ ٻارن کي فوري طوري تي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، ڪجهه مظ??هر??ن کي طبي سهولت پڻ ڏني وئي. هن چيو ته مظ??هر??ن ۾ اڪثر اهي ماڻهو شامل هئ?? جن جو اسلام آباد ۾ پنهنجو ڪو گهر نه هو، اسان انهن کي محفوظ ط??يقي سان ڪوئيٽا واپس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو پر مظ??هر??ن واپس وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، انهن ۾ ڪجهه ماڻهو پنهنجي رشتيدارن سان گڏ هليا ويا. هن چيو ته اسان جو مقصد مظ??هر??ن کي محفوظ ط??يقي سان انهن جي گهرن ڏانهن واپس موڪلڻ هو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته گرفتار مظ??هر??ن کي آزاد ڪيو ويو آه?? جڏهن ته ڪجهه ماڻهو گرفتار آه?? انهن جي جاچ جاري آه??، ان حوالي سان به جلد سٺي خبر ايندي. هن چيو ته اسان مظ??هر??ن کي انهن جي پراڻن مطالبن تي غور ڪرڻ جو يقين ڏياريو آه??، نگران حڪومت جو مدو محدود آه??، اسان جي پوري ڪوشش هوندي ته ان معاملي کي حل ڪريون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن نامزدگي ڪاغذن جي حوالي سان اميدوارن جي شڪايتن جو نوٽيس ورتو آه??، اميدوارن جي جائز شڪايتن جو ازالو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان جي پوري ڪوشش آه?? ته جن شين جو اليڪشن ڪميشن نوٽيس ورتو آه??، ان جو تدارڪ ٿئي. هن چيو ته ام امان صوبائي معاملو آه??، صوبائي حڪومت قانون تحت ڪارروائي ڪندي آه??. اسان اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ جا پابند آه??ون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مختلف سياسي پارٽين جي مطالبي تي اليڪشن ڪميشن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ ٻن ڏينهن جو اضافو ڪيو، اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ ۾ ڪا تبديلي ناهي ڪئي، چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ئي ٿينديون.