اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آه?? ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات مڊل ايسٽ نارٿ آفريقا ريجن ۾ سڀ کان وڏا واپاري حصيدار آه?? ۽ انهن جو ساليانو سراسري واپار جو ڪاٿو 9 ارب ڊالر آه??، گڏيل عرب امارات جا سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي نئين موقعن مان فائدو کڻن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”گلف ٽو ڊي“ کي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جو بنياد شيخ زيد بن سلطان النهيان مرحوم رکيو هو ۽ وقت گذرڻ سان گڏ اهي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا ويا. هن چيو ته گڏيل عرب امارات ۽ پاڪستان جا لاڳاپا اسٽريٽجڪ رخن جو احاطو ڪن ٿا. ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ مضبوط رابطو، هم آه??گي ۽ مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ ٻئي سان ويجهو تعاون موجود آه??. اسان پنهنجي انهن ڀائراڻن ۽ گهڻ رخي لاڳاپن کي واپار، سيڙپڪاري ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن جي فروغ جي ذريعي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته گڏيل عرب امارات مڊل ايسٽ نارٿ آفريقا (مينا) ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آه?? جنهن سان واپار جو ساليانو ڪاٿو 9 ارب ڊالر آه??. گڏيل عرب امارات انهن ملڪن ۾ شامل آه?? جتي پاڪستان جو روانگي واپار سڀ کان وڌيڪ آه??. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي معيشت ٻطرفي آه??. پاڪستان گڏيل عرب امارات کي زرعي مصنوعات، ٽيڪسٽائيل ۽ افرادي قوت موڪلي ٿو جڏهن ته گڏيل عرب امارات مان پاڪستان پيٽروليم، پيٽرو ڪيميڪل مصنوعات ۽ هائي ٽيڪ ايڪوپپمنٽ حاصل ڪري ٿو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت ۽ مالياتي ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا ۽ امڪان موجود آه??. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ 23 – 2022ع ۾ ٻطرفي واپار جو ڪاٿو 9 ارب ڊالر آه?? جڏهن ته 23 – 2022ع ۾ گڏيل عرب امارات جي لاءِ پاڪستان جو روانگي واپار 1.4 ارب ڊالر تائين پهچي چڪو آه?? جيڪو گذريل 5 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ آه??. يو اي اي جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آه??. پاڪستان ۾ يو اي اي سميت دنيا جي مختلف ملڪن جي لاءِ سيڙپڪاري ۽ پنهنجي ڪاروبار کي وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آه?? ۽ پاڪستان سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ سيڙپڪار دوست پاليسيون ۽ ٺوس فريم ورڪ ٺاهيو آه?? ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي. پاڪستان هر طرح جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت هڪ هزار کان وڌيڪ ملٽي نيشنل ڪمپنيون منافعو ڪمائي رهيون آه?? ۽ اڪثر عالمي ڪمپنيون پاڪستان مان سڀ کان وڌيڪ منافعو حاصل ڪري رهيون آه??. پرڏيهي ڪمپنيون، ماڻهو ۽ ملٽي نيشنل ڪارپوريشن پاڪستان ۾ مڪمل طور تي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهن ٿيون ۽ مقامي سطح تي حصيداري به ڪري سگهن ٿيون. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ گهرا تاريخي، ثقافتي ۽ دوستاڻا لاڳاپا قائم آه?? پر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت آه??. زراعت، توانائي، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي، لاجسٽڪس ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آه??. نگران وزيراعظم چيو ته معيشت جي بحالي جي لاءِ پاڪستان ٻاهرئين سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آه?? ۽ ان مقصد جي لاءِ تازو ئي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪئي وئي آه?? ۽ زراعت، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي ۽ دفاع جهڙن شعبن ۾ نار ملڪ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا. پاڪستان ۽ يو اي اي جي سيڙپڪارن وٽ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آه??. هن گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪارن تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ نئين موقعن مان فائدو کڻن ۽ پاڪستان سان پنهنجا ڪاروباري ۽ واپاري لاڳاپا وڌائين. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي موقعن ۽ حڪومت جي سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ ٺوس حڪمت عملي کي اجاگر ڪيو پيو وڃي. ايس آئي ايف سي جي اهتمام هيٺ دبئي ۾ ”دي پاڪستان انويسٽمنٽ روڊ شو“ منعقد ٿيڻ سان عالمي سيڙپڪارن جي وڏي انگ کي پاڪستان ۾ سيڙپڪار?? طرف راغب ڪرڻ ۾ مدد ملي آه??. ايس آئي ايف سي جي عملدارن عالمي سيڙپڪارن سان رابطا قائم ڪيا آه?? ۽ انهن کي پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي موقعن کان آگاهه ڪيو آه?? ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ منصوبا به تيار ڪيا ويا آه??. اسان وٽ ان قدم کي وڏي پذيرائي ملي آه??. ان موقعي مان فائدو کڻندي 30 پاڪستاني ڪمپنين زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ پنهنجا ڪاروباري منصوبا پيش ڪيا آه??. ان دوران سرڪاري ۽ نجي ماهرن جا مباحثا به ٿيا آه?? جنهن سان سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ اڀرندڙ ڪاروباري موقعن بابت آگاهي ملي آه??. نگران وزيراعظم چيو ته اهو پنهنجي نوعيت جو منفرد ۽ وڏو روڊ شو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان دبئي ۾ ڪوپ – 28 جي ميزباني تي گڏيل عرب امارات جي ڪوششن تي ان جي آجيان ڪري ٿو. موسمياتي تبديلي جي عالمي صورتحال بدقسمتي سان تمام خراب آه?? ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ صلاحيت ۽ ڪوششون تمام گهٽ آه??. انسانيت ماحولياتي تبديلي جي شديد اثرن جي لپيٽ ۾ آه??. ساليانو سراسري گرمي پد ۾ اضافو ٿي رهيو آه??. دنيا کي ان حوالي سان قدم تيز ڪرڻ ۽ ماحول دوست تبديلين جي ضرورت آه??. موسمياتي تبديلين جي حوالي سان عالمي رپورٽن مان ظاهر ٿئي ٿو ته صورتحال سٺي نه آه?? ۽ جن قدمن جو واعدو ڪيو ويو هو انهن کي پورو نه پيو ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلين جي حوالي سان هي فيصلائتو ڏهاڪو آه?? ۽ جيڪڏهن ضروري قدم نه کنيا ويا ته صورتحال بگڙجي ويندي. نگران وزيراعظم چيو ته ڪوپ – 28 ۾ پاڪستاني ماهرن جو وفد وڏين اميدن سان شرڪت ڪري رهيو آه?? ۽ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان پاڪستان جيڪي قدم کنيا آه?? اسان انهن کي اجاگر ڪنداسين. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان اهو سمجهي ٿو ته موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ ۽ ماحول دوست توانائ?? طرف منتقلي جي لاءِ اسرندڙ ملڪن کي 2030ع تائين 2.4 ٽريلين ڊالر ساليانو جي ضرورت آه??. پاڪستان قومي سطح تي ڪيترائي قدم کنيا آه?? ۽ پنهنجا مقامي وسيلا استعمال ۾ آندا آه??. ايندڙ سالن ۾ عالمي تعاون سان انهن قدمن کي وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو. يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڪردار جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستاني پاڪستان جي لاءِ قيمتي پرڏيهي ناڻو موڪلي پاڪستان جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آه??. يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستانين جو ٻنهي ملڪن جي معيشت ۾ اهم ڪردار آه??. سعودي عرب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ مٽاسٽا جو ناڻو گڏيل عرب امارات مان ٿئي ٿو. گذريل 5 سالن دوران يو اي اي مان 28.4 ارب ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو ٿيو آه??. يو اي اي ۾ 1.8 ملين پاڪستاني رهن ٿا ۽ ملڪي معيشت ۾ انهن پاران موڪليو ويندڙ مٽاسٽا جي ناڻي جو تمام اهم ڪردار آه??. اهو مٽاسٽا جو ناڻو اسان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جو وڏو اهم حصو آه??. 24 – 2023ع جي پهرين چئن مهينن دوران پاڪستاني ورڪرز پاران موڪليو ويندڙ مٽاسٽا جو ناڻو 8.8 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو آه?? جنهن مان 1497.6 ملين ڊالر يو اي اي پاران موڪليو ويندڙ مٽاسٽا جو ناڻو آه??. هن چيو ته بئنڪنگ جي قانوني چينلز جي ذريعي موڪليو ويندڙ مٽاسٽا جو ناڻو تمام فائديمند آه?? ۽ ملڪي معيشت ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ان سان بئنڪنگ جي انفراسٽرڪچر ۽ مالياتي نظام کي فروغ ڏيڻ ۾ پڻ مدد ملي ٿي ۽ مقامي ڪرنسي به مضبوط ٿئي ٿي. هن چيو ته حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آه?? ۽ انهن جي لاءِ نيشنل ريميٽنس لائلٽي پروگرام (اين آر ايل پي)، روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ، سهڻي ڌرتي ريميٽنس جهڙا قدم کنيا آه?? جنهن سان مٽاسٽا جي ناڻي جي قانون?? طريقي سان منتقلي ۾ اضافو ٿيو آه??. پرڏيهي نوڪرين جي معاهدي جي رجسٽريشن جي لاءِ ايڪٽيو بئنڪ اڪائونٽ کي لازمي بڻايو ويو آه??. ان مقصد جي لاءِ هر پروٽيڪٽر آفيس ۾ اڪائونٽ کولڻ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آه??. بي اي او اي کي جديد ۽ ڊيجيٽل بڻايو ويو آه??. تازو ئي اي پروٽيڪٽر رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آه??، ان جي ذريعي ڊائريڪٽ ايمپلائمينٽ ڪيٽيگري جا خواهشمند اميگرنٽ پروٽيڪٽوريٽ آف اميگرنٽ آفيس وڃڻ کانسواءِ آن لائين رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا ۽ آن لائين رجسٽرڊ ورڪرز کي اي پروٽيڪٽر رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ انهن جي اي ميل تي موڪليو وڃي ٿو جنهن ۾ ”ڪيو آر ڪوڊ“ ڏنو ويو هوندو آه?? جنهن جي ذريعي اهي ايئرپورٽ تي اميگريشن عملدارن ??ي تصديق ڪرائي سگهن ٿا. بي اي او اي سمنڊ پار روزگار جي موقعن جي حوالي سان پنهنجي ويب سائيٽ تي تصديق ٿيل معلومات فراهم ڪري ٿو ۽ اوورسيز ايمپلائمينٽ ڪارپوريشن ۽ نيوٽيڪ (اين اي وي ٽي ٽي سي) سان حصيداري ڪري ٿو. ان کانسواءِ اوورسيز پاڪستاني فائونڊيشن سمنڊ پار پاڪستانين کي قانوني معاونت، ضرورت جي وقت مالي امداد سميت مختلف فلاحي خدمتون فراهم ڪري رهي آه??. او پي ايف ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي خاندانن ??ي تعليم ۽ صحت جي سهولتن تائين پهچ پڻ فراهم ڪري رهي آه??.