جده- 06 نومبر (اي پي پي) اسلامي سهڪار تنظيم (او آ??ِ سي) اسرائيلي وزير اميچائي الياهو طرفان غزه جي پتي تي ايٽمي بم ڪرائڻ جي ڌمڪي کي انتهاپسندي، نفرت انگيزي، تشدد ۽ منظم دهشتگردي تي اڪسائڻ جي متراف قرار ڏنو آهي. اسلامي سهڪار تنظيم طرفان جده مان جاري ڪيل بيان ۾ چ??و ويو آهي ته فلسطيني عوام خلاف روزانو جي بنياد تي اسرائيلي نسل ??شي عالمي قانون، معاهدن ۽ قراردادن جي خلاف ورزي آهي. بيان ۾ اسرائيل جي نسل پرستاڻي بيانن جي مذمت ڪندي چ??و ويو ته او آ??ِ سي ان بيان کي دهشتگرد نسل پرستاڻي نظريي جي توسيع جي طور تي ڏسي ٿو. بيان ۾ عالمي برادري سان فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيلي جارحيت، روزانو قتل عام ۽ نسل ??شي جي مذمت ڪرڻ ۽ روڪڻ لاءِ موثر قدم کڻڻ جو مطالبو ڪ??و ويو.