اسلام آباد-24 نومبر(اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي عورتن جي تعليم لاءِ ڪم ڪندڙ فجر رابعه پاشا کي ”يونيسڪو پرائز فار گرلز اينڊ ويمنز ايجوڪيشن 2023ع“ جو ايوارڊ حاصل ڪرڻ تي مبارڪون ڏي??دي چيو آه?? ته هو اسان جي فخر آه?? جيڪا پوري دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪري رهي آه??، اسلام آباد ماڊل اسڪول فار گرلز جي 7 ۾ يونيسڪو ايوارڊ جي شيلڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت وارو سيڪريٽري وسيم اجمل چوڌري پڻ موجود هو. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته اڄ جي تقريب ت??ام گهڻي خاص آه?? ڇاڪاڻ ته اڄ اسان جي ڀيڻ فجر رابعه پاشا پاڪستان جي ڌيءَ هجڻ جو پنهنجو فرض ڪاميابي سان نڀايو آه??. فجر رابعه پاشا ۽ سندس تنظيم ”پاڪستان الانس فار گرلز ايجوڪيشن پيج کي چين ۾ عورتن لاءِ اسڪول قائم ڪرڻ ۽ انهن کي علم جو زيور فراهم ڪرڻ تي يونيسڪو پرائز فار گرلز اينڊ ويمنز ايجوڪيشن 2023ع سان نوازيو ويو آه??. هي اعزاز اسان جي ڀائر ملڪ چين جي خاتون اول ڏنو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ڌيءَ ۽ ان جي اداري تي فخر آه?? جنهن اداري ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن ۽ اتي پڙهندڙ ڇوڪريون به شامل آه??، وفاقي وزير وزارت جي قيادت جي ڪردار تي روشني وڌي ۽ آفيسرن جي واکاڻ ڪئي جن غير جانبداري جو مظاهرو ڪندي انتهائي قابليت ۽ ميرٽ سان معاملي جو فيصلو ڪندي پيج کي هن ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو. هن چيو ته پيج پاڪستان ۾ 170 جي ويجهو غير رسمي اسڪول هلائي رهيو آه?? جتي اڪثر ڇوڪريون تعليم حاصل ڪري رهيون آه?? انهن تعليمي منصوبن ۾ افغان ڇوڪريون به شامل آه??، جاپان جي جائيڪا ۽ ٻيا خيراتي ادارا به ان منصوبن لاءِ مالي مدد ڪري رهيا آه??، هي منصوبو غربت جي خاتمي سان گڏوگڏ عورتن جي فلاح، بهبود ۽ پائيدار ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آه??، وفاقي وزير چيو ته عورتون هن ملڪ جي آبادي جو اڌ حصو آه?? ۽ ڪو به ملڪ پنهنجي عورتن کي نظرانداز ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي صلاحيتن کي مڪمل طو رتي حاصل نٿو ڪري سگهي، مدد علي سنڌي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو ته عورتن کي پاڪستان ۾ سکڻ جا برابري جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن اهي ڪنهن به شعبي ۾ پوئتي نه رهن.