اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي چيو آهي ته پاڪستان واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ سياحت جي شعبي ۾ دوست ملڪن سان تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار تيونس، روس، ترڪيه، بلغاريه، بوس??يا?? تاجڪستان، جاپان، چيڪ ريپبلڪ، ڏکڻ ڪوريا ۽ برازيل جي اعزازي ڪائونسل جنرلز سان ملاقات د??ران ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صدر کي عالمي لاڳاپن ۽ واپار جي ??رو?? ۾ اعزازي ڪائونسل جنرلز جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيند?? ص??ر دوست ملڪن سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان واپار، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ سياحت جي شعبي ۾ دوست ملڪن سان تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته اعزازي ڪائونسل جنرلز پاڪستان جي صنعت ۽ واپار وارن ايوانن سان رابطا وڌائين، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. صدر چيو ته اعزازي ڪائونسل جنرلز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري راغب ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ملاقات ۾ صدر غزه جي موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي جنگبندي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.