اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي حقن جي تحفظ جي ضرورت تي زو?? ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي معاشري جي سمورن شعبن ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪر??ي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيف ويلفيئر آگاهي فائونڊيشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن فائونڊيشن جي صدر شيخ محمد منشا جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي معيشت ۽ معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪر??و پوندو. هن چيو ته ٻڌڻ کان محروم ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ ۽ تعليم ڏيڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ٽيڪنالاجي جي مدد سان ٻڌڻ کان محروم ماڻهن کي ڳالهه ٻولهه ۽ تعليم تا??ين پهچ ۾ آساني فراهم ڪري سگهجي ٿي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي اعليٰ تعليم جي لاءِ يونيورسٽين ۾ ٽيوشن فيس ۽ ٻين خرچن جي مد ۾ ڇوٽ ڏني پئي وڃي جڏهن ته نادرا جا خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪر?? جي لاءِ خصوصي سهولت فراهم ڪئي پئي و??ي، خصوصي ماڻهو نادرا جو خصوصي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ معذوري جو سرٽيفڪيٽ ضرور ٺهرائين. صدر چيو ته حڪومت، غيرسرڪاري تنظيمن ۽ ٻڌڻ کان محروم ماڻهن کي گڏجي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪر??و پوندو. ملاقات ۾ خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ موجود هئي. وفد صدر کي ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي مسئلن ۽ فائونڊيشن جي خدمتن بابت آگاهه ڪيو.