اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ان??ار??لحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان کي غزه ۾ جاري تشدد ۽ جاني نقصان تي گهري ڳڻتي آهي، اسان فلسطين جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جي لاءِ انهن ??ان گڏ بيٺل آهيون ۽ غزه ۾ فوري جنگ بندي ۽ گهيراءُ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. وزيراعظم آفيس پاران جاري ٽوئيٽ موجب نگران وزيراعظم چيو ته اسرائيل جو غزه ۾ شهرين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ تهذيب ج?? سمورن اصولن جي خلاف ۽ عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته تشدد جي خاتمي کي فلسطيني سرزمين تي سالن جي ڏاڍ ۽ غيرقانوني قبضي ۽ ان جي عوام جي خلاف جابراڻي پاليسين جي ڏس ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کي گهيريل غزه تائين فوري طور تي گهربل امدادي سامان جي چرپر جي لاءِ محفوظ ۽ غيرمحدود انساني لنگهه کولڻ جي لاءِ ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان غزه جي تيزي سان خراب ٿيندڙ صورتحال تي او آءِ سي ۽ ان جي ميمبر ملڪن سان ??يج??ي رابطي ۾ آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 18 آڪٽوبر تي او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي هنگامي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ غزه جي ماڻهن ??ي تڪليفن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدمن تي زور ڏيندو.