اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي پاڪستان جي آزادي تحريڪ ۾ چوڌري رحمت علي ۽ قاضي محمد عيسيٰ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته انهن اڳواڻن آزادي جي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان قائم ٿيڻ ۾ انهن جي خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، اهي پاڪستان جا هيرو ۽ ملڪ جي مستقبل جي ليڊرن جي لاءِ هڪ عمده مثال آهن. اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل بُڪ فائونڊيشن جي ايم ڊي ڊاڪٽر راجا مظهر حميد ??ان ملاقات دوران ڪيو. تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته ملڪ جي روشن خيال نوج??ان?? جي جوڙجڪ جي لاءِ ڪتاب پڙهڻ جو ڪلچر لازمي آهي. هن نيشنل بُڪ فائونڊيشن کي حڪم ڏنو ته ڪتاب پڙهڻ جي ڪلچر کي ڦهلائڻ جي لاءِ اسلام آباد ۾ نيشنل بُڪ گالا منعقد ڪيو وڃي. هن چيو ته سمورين ڌرين ??شم??ل سمورين يونيورسٽيز، ڪاليجز ۽ اسڪولز کي شامل ڪيو وڃي، ان جو مقصد ڪتابن ۽ نوج??ان?? جي وچ ۾ خال کي خ??م ڪرڻ هجڻ گهرجي. نگران وفاقي وزير چيو ته ا??ان جي معاشري ۾ عدم بر??اش?? تمام وڌيڪ آهي ۽ علم ۽ دانش کي ڦهلائي معاشري کي رواداري ??ان وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته اين بي ايف ملڪ جي نوج??ان?? ۽ ڪتاب پڙهڻ جي وچ ۾ خال کي خ??م ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري. هن ڪتاب ميلن جي باقاعدگي ??ان منعقد ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. نگران وفاقي وزير کي ٻڌايو ويو ته ٽن ڏينهن وارو گالا آڪٽوبر جي آخري هفتي ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي ۽ ان تقريب جي افتتاح جي لاءِ نگران وزيراعظم کي گهرايو ويندو.