اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ۽ نيول هيڊڪوارٽرز جي وچ ۾ سالياني اسٽاف ڳالهه ٻولهه پرڏيهي آفيس ۾ ٿي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف (آپريشنز) وائيس ايڊمرل اويس اي ب??گر??مي ڳالهه ٻولهه ۾ لاڳاپيل ڌري?? جي قيادت ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ميري ٽائيم افيئرز جي وزارت پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات پاڪستا?? جي سامونڊي مفادن بشمول ميري ٽائيم سيڪيورٽي، بليو اڪانومي، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، ماحولياتي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلي جي ضرورتن بابت هڪ ٺوس جائزو وٺڻ جو ??وق??و فراهم ڪيو. بيان موجب سامونڊي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مختلف علائقائي ۽ عالمي فورمز ۾ پاڪستا?? جي شرڪت ۽ مختلف شعبن ۾ عالمي تعاون ۽ صلاحيت وڌائڻ جي ??وق??ن تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن پاڪستا?? جي سامونڊي مفاد مڪمل طور تي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ميري ٽائيم ڊومين ۾ سمورين لاڳاپيل ڌري?? جي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٺوس قومي ميري ٽائيم پاليسي فريم ??رڪ کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پاڪستا?? جي سامونڊي ۽ بليو اڪانومي جي صلاحيت?? جي ادراڪ ۽ سامونڊي ڊومين ۾ موثر عالمي حصيداري کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ فعال ملڪي ماحولياتي نظام کي تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. شرڪت ڪندڙن ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ هم آهنگي کي گهرو ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪيو.