لاهور -15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز ش??يف سان اولڊر اوين ايسوسيئيشن جي چونڊيل عهديدارن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي مان فارغ التحصيل قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پڻ موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق ان موقعي تي وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي جون بيشڪ ملڪي تعليمي ميدان ۾ ساراهه جوڳيون خدمتون آهن، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي هن ملڪ جي نمايان درسگاهه آهي جنهن وڏا ناليوارا سپوت پيدا ڪيا. وزيراعظم شهباز ش??يف چيو ته گورنمينٽ ڪاليج مان تعليم پرائي نڪتل شاگرد زندگي جي مختلف شعبن ۾ تعميري ڪم س??ان??ام ڏئي رهيا آهن. شرڪت ڪندڙن چيو ته اسان لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي، ته هن ملڪ جو وزيراعظم پاڻ گورنمينٽ ڪاليج مان تعليمي يافته آهي. وزيراعظم محم?? شهباز ش??يف گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ۾ پنهنجي شاگردي واري ??ور ۾ ۽ استادن کي خوشگوار لفظن ۾ ياد ڪيو. وزيراعظم شهباز ش??يف اولڊر اوين ايسوسيئيشن جي تعليمي ترقي ۽ ٻين فلاحي منصوبن ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي اولڊر اوين ايسوسيئيشن جي وفد وزيراعظم محم?? شهباز ش??يف کي يادگاري شيلڊ ۽ ت??وي?? پڻ پيش ڪئي.