پشاور – 22 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ترقي ۽ روشن مستقبل جي لاءِ اعليٰ تعليم جو فروغ لازمي آهي، هن يونيورسٽين تي زور ??نو ته اهي پاڪستان جي ترقي جي لاءِ گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪن. صدر اهڙن خيالن ??و اظهار خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، نگران وڏي وزير محمد اعظم خان ۽ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. اعليٰ سطحي اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ۽ انسپيڪٽر جنرل آف پوليس خيبرپختونخواهه پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ صوبي جي انتظامي ۽ مالي معاملن ??ميت امن امان جي مجموعي صورتحال تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ سڄي صوبي خاص طور تي ضم ٿيل ضلعن ۾ ترقياتي معاملن ??ابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي و??ي. ??نضمام کانپوءِ قبائلي عوام کي درپيش مشڪلاتن ۽ مسئلن ??ي حل لاءِ آئين ۽ قانون موجب قدم کڻڻ بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. ملاقات ۾ صوبي ۾ پبلڪ سيڪٽرز يونيورسٽين جي مالي ۽ انتظامي مشڪلاتن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي و??ي. ??در چيو ته اعليٰ تعليم تمام اهم شعبو آهي ۽ خيبرپختونخواهه جون يونيورسٽيون ملڪ جي خوشحالي جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي مدد سان گريجوئيٽس جي انگ ۾ اضافو ڪري سگهن ٿيون. هن خيبرپختونخواهه جي يونيورسٽين تي زور ??نو ته اهي آن لائين تعليم جي ڪاٿي ۾ اضافو ڪن ۽ معياري فني ۽ پيشيواراڻي تعليم يافته افرادي قو?? جو هڪ وڏو انگ پيدا ڪرڻ جي لاءِ مختلف شفٽس شروع ڪن جيڪي پائيدار ترقي ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي لاءِ لازمي آهن. هن يونيورسٽيز انتظاميا کي چيو ته اهي پنهنجي مالياتي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ گرانٽ جي ماهر جون خدمتون حاصل ڪن. نگران وڏي وزير محمد اعظم خيبرپختونخواهه جي يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلرز جي جلد مقرري جي ضرورت تي زور ڏن??. ان موقعي تي صوبائي حڪومت جي عملدارن يونيورسٽين جي موجوده مالياتي ۽ انتظامي معاملن ??ابت بريفنگ ڏن??.