اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جو محور ترقي، عوامي ڀلائي ۽ ڪاروبار دوست پاليسيون هوندو، واڌويجهه جي شرح ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ پي ايس ڊي پي جو ڪاٿو 700 ارب مان وڌائي 950 ارب رپيا ڪيو پيو وڃي، ايندڙ مالي سال پ??ڪستان جي لاءِ معاشي ترقي جو سال هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) جي لاءِ اتحادي پارٽين سان مشاورت جي سلسلي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاق?? وزيرن اسحاق ڊار، احسن اقبال، مولانا اسعد محمود، راڻا تنوير حسين، مولانا عبدالواسع، سيد امين الحق، آغا حسين بلوچ، سردار اسرار ترين، وزيراعظم جي صلاحڪار احد ??ان چيما، مملڪت?? وزير هاشم نوتيزئي، احسان الله ريڪي، قومي اسيمبلي ميمبر ۽ متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، قومي اسيمبلي ميمبرن اسلم ڀوتاڻي، محسن داوڙ، عوامي نيشنل پ??رٽي جي سردار حسين بابڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. واپار واري وفاق?? وزير سيد نويد قمر، سنڌ جي وڏ?? وزير سيد مراد علي شاهه ۽ قومي اسيمبلي ۽ بلوچستان نيشنل پ??رٽي جي چيئرمين سردار اختر مينگل اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ميمبرن وزيراعظم کي 24 – 2023ع جي ترقياتي بجيٽ لاءِ اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ ۽ انهن جي تجويزن کي بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي قدم کي تاريخي قرار ڏنو ۽ ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ اتحادي پارٽين وزيراعظم کي ترقياتي بجيٽ جي لاءِ پنهنجي تجويزن کان آگاهه ڪيو. اجلاس کي بجيٽ انگن اکرن ۽ ترقياتي بجيٽ تحت مجوزه منصوبن بابت پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن ۽ ناڻي وار?? وزارت کي انهن تجويزن تي عمل ڪرڻ ۽ انهن ??ي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سالن کان التوا جو شڪار نيشنل فلڊ ريسپانس پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته بجيٽ 24 – 2023ع جو محور ترقي، عوامي ڀلائي ۽ ڪاروبار دوست پاليسيون هوندو. هن ??يو ته ايندڙ مالي سال ۾ واڌويجهه جي شرح ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ پي ايس ڊي پي جي ڪاٿي کي 700 ارب مان وڌائي 950 ارب رپيا ڪيو پيو وڃي، ايندڙ مالي سال پ??ڪستان جي لاءِ معاشي ترقي جو سال هوندو. وزيراعظم چيو ته بجيٽ ۾ ??ڪو??ت مشڪل معاشي صورتحال جي باوجود موجوده وسيلن کي بهترين طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جي پاليسي اختيار ڪري رهي آهي، بجيٽ 24 – 2023ع ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي ترقي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ پڻ وڏي رقم رکي پئي وڃي. هن ??يو ته گذريل ??ڪو??ت جي معاشي تباهي جي باوجود ??ڪو??ت جي محنت سان ملڪ ۾ معاشي استحڪام آيو، هر ??ڪو??تي قدم ۾ اتحادي پارٽين جي مشاورت ??ڪو??ت جي لاءِ انتهائي اهم آهي، گذريل هڪ سال ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 13 پارٽين پنهنجي سياست کي داءُ تي لڳائي رياست کي بچايو. هن ??يو ته ملڪي معاشي سلامتي جي لاءِ اهڙي ڪوشش جو مثال دنيا ۾ ڪٿي به نه ٿو ملي، الحمدالله پاڪستان معاشي تباهي ۽ ملڪ ۾ انتشار پکيڙيندڙ عنصرن کان پاڪ ٿيو.