اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ 15 جولاءِ تائين تماڪو ڪارخانن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ جي هدايت ڪندي چي?? آهي ته ڪنهن کي به ملڪي خزاني ??ي نقصان پهچائڻ نه ڏ??ند??سين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ٽوبيڪو ڪمپني جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جو صلاحڪار احد خان چي??ا، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا. وزيراعظم ملڪ ۾ سگريٽ ۽ تماڪو مصنوعات جي غيرقانوني وڪري جي خلاف هنگامي بنيادن تي قدمن جي هدايت ڪندي چي?? ته اسمگلنگ ۽ ٽيڪس چوري ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم 15 جولاءِ تائين سگريٽ جي سمورن ڪارخانن ۾ ٽيڪس چوري جي روڪٿام لاءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم هڻڻ کي ??قيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم ايف بي آر چيئرمين کي ??دايت ڪئي ته تماڪو جي غيرقانوني وڪري جي مڪمل روڪٿام ڪئي وڃي. وزيراعظم چي?? ته اسمگلنگ ۽ ٽيڪس چوري وارا سگريٽ وڪرو ڪندڙن جي خلاف سخت ايڪشن کنيو وڃي. هن چي?? ته ڪنهن کي به ملڪي خزاني ??ي نقصان پهچائڻ نه ڏ??ند??سين.